سنڌ زرعي يونيورسٽي

سنڌ زرعي يونيورسٽي

سنڌ زرعي يونيورسٽي

سنڌ زرعي يونيورسٽي: سنڌ ۾ زرعي سائنس جي تعليم ۽ تحقيق لاءِ ابتدائي طور 40-1939ع ڌاري، سڪرنڊ (ضلعي نوابشاهه) ۾ هڪ زرعي ڪاليج ’ڪنگ جارج-V‘ جي نالي قائم ٿيو، جنهن کي 1955ع ۾ ڪوٽڙي بئراج ٺهڻ کانپوءِ ٽنڊي ڄام منتقل ڪيو ويو. وقت به وقت هن ڪاليج ترقي ڪئي ۽ ان ۾ سنڌ ۽ بلوچستان مان شاگرد پڙهڻ لڳا. ان وقت ملڪ جي ڏاکڻي علائقي ۾ هي واحد ڪاليج هو. پهرين مارچ 1977ع تي هن ڪاليج کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏنو ويو، جنهن بعد زرعي تعليم ۽ تحقيق لاءِ وڌيڪ سهولتون ۽ موقعا ميسر ٿيا.
سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ پنج فئڪلٽيون قائم آهن، جتي مختلف ڊگري پروگرام متعارف ڪيا ويا آهن، جن ۾ گرئجوئيشن، پوسٽ گرئجوئيشن کان سواءِ ڪجهه مضمونن ۾ ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊي جون ڊگريون پڻ ڏنيون وڃن ٿيون. فئڪلٽين ۽ انهن ۾ قائم شعبن جو وچور هن ريت آهي:
فئڪلٽي آف ڪراپ پراڊڪشن: فصلن جي پيداوار بابت تعليم جي هن فئڪلٽيءَ ۾ ايگرانامي، بايوٽيڪنالاجي، ڪراپ فزيالاجي، فوڊ ٽيڪنالاجي، هارٽيڪلچر، پلانٽ بريڊنگ، جينيٽڪس ۽ سوائل سائنس جا شعبا قائم آهن.
فئڪلٽي آف ڪراپ پروٽيڪشن: فصلن جي حفاظت بابت تعليم واري هن سي. پي. ٽي فئڪلٽيءَ ۾ اينٽامولاجي، پلانٽ پئٿالاجي ۽ پلانٽ پروٽيڪشن جا شعبا قائم ڪيل آهن.
فئڪلٽي آف ايگريڪلچر سوائل سائنس: زرعي زمين جي مٽيءَ جي کوجنائي علم بابت هن فئڪلٽيءَ ۾ ايگريڪلچر اڪانامڪس، ايگريڪلچر ايڊيوڪيشن ايڪسٽينشن، رورل سوشيالاجي ۽ اسٽئٽسٽڪس جا شعبا آهن.
فئڪلٽي آف ايگريڪلچر انجنيئرنگ: هن فئڪلٽيءَ ۾ بيسڪ (بنيادي) انجنيئرنگ، انرجي اينڊ انوائرمينٽ، فارم پاور ايڊمنسٽريشن، فارم اسٽرڪچر، اريگيشن اينڊ ڊرينيج ۽ لئنڊ اينڊ واٽر مئنيجمينٽ جي تعليم ڏني وڃي ٿي.
فئڪلٽي آف اينيمل هسبنڊري اينڊ وٽنري سائنس: جانورن جي افزائش، صحت ۽ لاڳاپيل علمن بابت هن فئڪلٽيءَ ۾ ايناٽامي اينڊ هسٽالاجي، اينيمل بريڊنگ اينڊ جينيٽڪس، اينيمل پراڊڪٽ ٽيڪنالاجي، اينيمل ريپراڊڪشن، لائيو اسٽاڪ هسبنڊري، سرجري، وٽنري فزيالوجي اينڊ مائڪروبائلاجي، وٽنري فاماڪولاجي، وٽنري ميڊيسن ۽ وٽنري پئٿالاجي وغيره جي تعليم ڏني وڃي ٿي. تجربن لاءِ چوپائي مال جا فارم ۽ ليبارٽريون به قائم ڪيل آهن.
ايراضيءَ جي لحاظ کان سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جون حدون 416 ايڪڙن تي پکڙيل آهن، جنهن جي لڳ ڀڳ 80 ايڪڙن ۾ يونيورسٽيءَ جي عمارت، هاسٽلون، زرعي فارم، تجرباتي ليبارٽريون، مرڪزي لائبرري، راندين جو ميدان، جيمخانو ۽ ڊسپينسري وغيره قائم آهن. چوڌاري وڻڪار ۽ رنگ برنگي گلن سبب هيءَ يونيورسٽي هڪ دلڪش منظر پيش ڪري ٿي.
زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ فنانس، پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ، اسٽوڊنٽ افيئرس، ايڊوانس اسٽڊيز، اسپورٽس ۽ فارمز سميت ڊائريڪٽوريٽ آف پراجيڪٽس پڻ قائم آهن.
سنڌ جي هن واحد زرعي يونيورسٽيءَ جو شمار پاڪستان جي بهترين ادارن ۾ ٿئي ٿو. هن وقت يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر رحيم بخش ميربحر (انچارج وي. سي) آهي. يونيورسٽيءَ پاران تحقيقي جرنل Pakistan Journal of Agriculture Engineering and Veterinary Sciences پڻ جاري ڪيو وڃي ٿو.
سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ ’انفارميشن ٽيڪنالاجي سينٽر‘ ۽ ’انسٽيٽيوٽ آف فوڊ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي‘ پڻ قائم آهن.
ان کانسواءِ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جي الحاق سان ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ’شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ايگريڪلچر ڪاليج‘ پڻ 1991ع کان قائم آهي. جتي پڻ مختلف مضمونن ۾ گرئجوئيشن ڪرائي وڃي ٿي. ان ڪاليج ۾ سکر، جيڪب آباد، گهوٽڪي، شڪارپور، قنبر- شهدادڪوٽ، نوشهرو فيروز ۽ دادو ضلعن جي شاگردن لاءِ سيٽون مخصوص ڪيل آهن.


لفظ سنڌ زرعي يونيورسٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1977.03.01  عيسوي

سنڌ ۾ زرعي سائنس جي تعليم ۽ تحقيق لاءِ ابتدائي طور 40-1939ع ڌاري، سڪرنڊ (ضلعي نوابشاهه) ۾ هڪ زرعي ڪاليج ’ڪنگ جارج-V‘ جي نالي قائم ٿيو، جنهن کي 1955ع ۾ ڪوٽڙي بئراج ٺهڻ کانپوءِ ٽنڊي ڄام منتقل ڪيو ويو. وقت به وقت هن ڪاليج ترقي ڪئي ۽ ان ۾ سنڌ ۽ بلوچستان مان شاگرد پڙهڻ لڳا. ان وقت ملڪ جي ڏاکڻي علائقي ۾ هي واحد ڪاليج هو. پهرين مارچ 1977ع تي هن ڪاليج کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏنو ويو،



درسگاھه - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ايليمينٽري سنسڪرت اسڪول
سينٽ ميريز هاءِ اسڪول سکر
سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي
ٽلٽيءَ وارو مدرسو
جامعه مدرسه اسلاميه
سنڌي سرڪل
ايس ايم لا ڪاليج (ٽنڊو الهيار)
سينٽ ميريز هاءِ اسڪول حيدرآباد
سنڌي شعبو اوساڪا يونيورسٽي جپان
سنڌي ٻوليءَ ۾ ايم فل جو ڪورس علامه اقبال اوپن يونيورسٽي
درسگاھه ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون